عباسي مخدوم عطا محمد

عباسي، مخدوم عطا محمد: نامور عالم مخدوم عطا محمد عرف الله بخش عباسيءَ جو تعلق کهڙن جي مخدوم خاندان سان هو. سندس والد مخدوم محمد عاقل عرف پير محمد صاحب ٻي شادي مدد خان پٺاڻ جي خاندان مان شڪارپور مان ڪئي. مخدوم الله بخش ان گهرواريءَ مان ڄائو هو. پاڻ اڃا ٻار ئي هو، جو سندس والد وفات ڪري ويو ۽ مال ملڪيت تي سندس وڏي ڀاءُ قبضو ڪري هن ننڍڙي ۽ سندس والده کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو. ان ڪري سندس والده جي باقي حياتي ڏاڍي ڏکي گذري. مخدوم الله بخش شروع ۾ کهڙن ۾ ئي مولانا غلام محمد مهيسر (ڪمال ديري واري) وٽ پڙهيو. پڙهائيءَ ۾ سندس ڀاءُ دين محمد گهڻيون رنڊڪون وڌيون، جنهن سبب هن جو ذهن گهڻو متاثر ٿيو. پر پوءِ سندس ذهن کليو ۽ جلد ئي مڪمل نصاب پڙهي پورو ڪري دستار فضيلت حاصل ڪيائين. وڏي ڀاءُ جي طرفان ملڪيت ڦٻائڻ سبب ذريعه معاش لاءِ هن کي ملازمت ڪرڻي پئي. پهريان هو راڻيپورجي درگاهه جي سجاده نشين پير سيد ابو محمد صالح شاهه جيلانيءَ وٽ منشي مقرر ٿيو. پوءِ خيرپور رياست جي وزيراعظم سردار محمد يعقوب وٽ حاضر منشي (پرسنل اسسٽنٽ) مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح سندس علمي شهرت رياست خيرپور ۾ پکڙي، پوءِ جلد ان رياست جي قانون جو امتحان پاس ڪيائين ۽ کيس فيض گنج جو هيڊ منشي مقرر ڪيو ويو. سندس قانوني لياقت کان متاثر ٿي ان وقت جي وزير شيخ صادق علي کيس خيرپور جو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. ان کانپوءِ سڄي رياست خيرپور جو رليف جج مقرر ٿيو. آخر ۾ مير امام بخش خان ٽالپر جي اسرار تي مير صاحب جو منشي مقرر ٿيو ۽ پوءِ سدائين ساڻس گڏ گهميو ڦريو. مخدوم الله بخش وڏن عهدن تي رهي مصروف زندگي گذارڻ باوجود تصنيف ۽ تاليف جو ڪم جاري رکيو. هن ‘تفسير تسهيل القرآن’ نالي سان سنڌيءَ ۾ چئن پارن جو تفسير لکيو، جن مان ٽي سيپاره ڇپيا ۽ چوٿون قلمي صورت ۾ موجود آهي. پير سيد شاهه مردان شاهه پير سائين پاڳاري ڪوٽ ڌڻيءَ جي چوڻ تي علم غيب رسول صلي الله عليه وسلم جي اثبات تي رسالو لکيائين. ‘فوزالا خلاف به فيض الاسلاف’ عرف ‘تذڪره مخاديم کهڙا’ (فارسي) ۾ لکيائين، جنهن جو سنڌي ترجمو شايع ٿيو. ان کان سواءِ منطق جي مشهور ڪتاب ‘ايسا غوجي’ جي فارسيءَ ۾ شرح ۽ ‘فتاويٰ عطا محمد’ نالي ڪتاب لکيائين. پاڻ وڏو شاعر به هو. سندس تخلص عاصي هو. نعت ۽ غزل جي هن قادرالڪلام شاعر فارسي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. ان کان سواءِ پاڻ مناظري جو قابل ۽ طب يوناني جو وڏو حڪيم پڻ هو، پاڻ بلند اخلاق، خوش طبع ۽ مٺي زبان جو مالڪ هو. سندس واعظ ۽ تقرير ايڏي اثرائتي هوندي هئي جو هر جمعي تي سندس مسجد ۾ پري پري کان ماڻهو اچي سندس واعظ ٻڌندا هئا ۽ جمعي نماز سندس اقتدا ۾ پڙهندا هئا. حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو ڪوٽ ڌڻي، مولانا حڪيم مير علي، نواز علي، سيد شهاب الدين شاهه لڪياري، استاد الشعراءَ شمس الدين بلبل وغيره سندس همعصر هئا. مخدوم عطا محمد عرف الله بخش عباسيءَ 1355هه/1917ع کهڙن ۾ وصال ڪيو ۽ اتي ئي سندس مزار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو